عوام جولاءِ ۾ درست فيصلو ڪيو ته ترقي جو سفر جاري رهندو: وزيراعظم

چترال ( م ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چترال ۾ گولن گول رٿا جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته گولن گول رٿا کانپوءِ چترال ۾ ڪڏهن به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، هي رٿا ايتري بجلي پيدا ڪندي جو چترال ۾ بجلي جي ضرورت پوري ٿي ويندي. هن چيو ته ماضي ۾ حڪومتي وسيلا چترال تائين نه پهتا پر اڄ چترال سي پيڪ رٿا ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو آهي جتي اربين رپين جا روڊ ٺاهيا پيا وڃن ۽ گئس جو مسئلو به حل ٿي ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان کي هڪ درست رخ تي گامزن ڪيو ويو آهي، نواز شريف جي پاليسين سبب ملڪ جي ٻڏندڙ معيشت بحال ٿي، جولاءِ ۾ عوام کي درست فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن عوام درست فيصلو ڪيو ته ترقي جو سفر هلندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *