عوام تي ظلم ٿئي ۽ اسان خاموش رهون، ائين قطعي نه ٿيندو:مولانا فضل الرحمان

ملير/ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي کان آزادي مارچ جو آغاز: اپوزيشن پارٽيز نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ واري مطالبا تان هٿ نه کنيو ويندو، حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ ئي ملڪي مسئلن جو حل آهي. جي يو آءِ ف طرفان اعلانيل آزادي مارچ ڪراچي کان شروع ڪيو ويو آهي. اُن سلسلي ۾ سهراب ڳوٺ ۾ جلسو ڪيو ويو، جتي جي يو آءِ سان گڏ پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ اي اين پي سوڌو ٻين اپوزيشن پارٽيز جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان گڏ ڪنٽينر تي اپوزيشن پارٽيز جا اڳواڻ به موجود آهن. جلسي کي خطاب دوران جي يو آءِ ف سوڌو اپوزيشن پارٽيز طرفان ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو. مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي شاهي سيد چيو ته اسان کي ڪشمير سان گڏ پاڪستان کي به نااهل ۽ نالائق حڪومت کان آزاد ڪرائڻو آهي. 27 آڪٽوبر سان گڏ 27 جولاءِ تي به ٿيل ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اسان جو سڄو نظام اِن ظلم ۾ ملوث آهي، عدليه احترام جوڳو ادارو آهي پر معذرت سان اُها به هِن ظلم ۾ برابر جي شريڪ آهي. عوام تي نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪمران مڙهيا ويا، اها جمهوري حڪومت نه آهي. پاڪستان کي بچائڻو آهي ته اپوزيشن کي متحد ٿيڻو پوندو. آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو ته هو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي مارچ ۾ شامل ٿيا آهن، مارچ ۾ شامل ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي هر جاءِ تي پيپلز پارٽي طرفان آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته اڄ ڪشمرين تي بي انتها ظلم ٿي رهيو آهي، افسوس آهي جو امت مسلمه اُن تي خاموش آهي. هو ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، پنهنجي ملڪ ۾ به ظلم ۽ حالتون ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي. موجوده سليڪٽيڊ حڪومت پاڪستان کي عالمي سرمائيدارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. دل شرم وچان روئي رهي آهي جو اڄ پاڪستان جا مالي معاملا آءِ ايم ايف هلائي رهيو آهي. سهراب ڳوٺ ۾ آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام تي ظلم ٿئي ۽ اسان خاموش رهون، ائين قطعي نه ٿيندو. اسان ڪشمير جي حوالي سان موجوده حڪومت جي معاهدن ۽ سوديبازي کي تسليم نٿا ڪريون. ڪشمير جي آزادي لاءِ جنگ ڪندڙ مجاهدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪمرانن چيو هو ته هيترا ماڻهو گڏ ڪيو ته پوءِ استعفيٰ ڏيندا، ڪراچي ۾ ڏسو ته ڪيترا ماڻهو گڏ ٿيا آهن، هاڻي جڏهن سموري ملڪ جا ماڻهو گڏ ٿيندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ عمران خان کي گهر وڃڻو پندو ۽ سندس استعيفيٰ واري مطالبا تان هٿ نه کڻنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *