عوام تيار ٿئي، موجوده حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي: آصف زرداري

لاڙڪاڻو: ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40 ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کي 40 سال ٿي ويا آهن پر اڄ به هن جي سوچ ۽ هن جي شخصيت اسان کي ياد آهي.هن کي ٻڌڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا، ان دور ۾ به اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو سندس مذاق اڏائيندا هئا. هن چيو ته مان چوندو هئس ته 18 ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ مون مٿان ڪيس داخل ڪيا ويندا، جيڪو ثابت ٿيو آهي.هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسلام آباد هلي هنن کي اٿاريون. هن چيو ته اهڙي مهانگائي ۾ غريب زندهه نه رهي سگهندو پر وفاقي حڪومت کي غريبن جو ڪوبه احساس ناهي. هن چيو ته عوام تيار ٿئي موجوده حڪومت کي گهر موڪليون.هن چيو ته عوام سان گڏ هنن کي حڪومت مان ڪڍنداسين، جلد ئي اعلان ڪري حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ تحريڪ هلائينداسي.01

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *