عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهي پر سياسي پنڊت عياشيون پيا ڪن: سراج الحق

February 19, 2017 at 11:35 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته غريب عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهن پر سياسي پنڊت عياشين ۾ پورا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته 70 ورهين کان وٺي جمهوري جي نالي تي عوام جو بدترين استحصال ڪيو ويو، ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي اونداهي ۾ رکيو ويو، اسان جي پارٽي عام ماڻهن ۽ پيڙهيل طبقي جو آواز آهي. هن چيو ته منهنجي عوام کي صلاح آهي ته چونڊن ۾ پنهنجو ورتاءُ تبديل ڪن ۽ آزمايل ماڻهن کي پنهنجي ڪُلهن جي سوار نه ڪن. سراج الحق چيو ته استحصالي نظام ختم ڪرڻ کانسواءِ دهشتگردي جو خامتو نه ايندو.27

اي پيپر