عوام احتجاج پيو ڪري، پي ٽي آءِ منهن ڏيکارڻ جي لائق ناهي رهي:بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو(م ڊ)) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سڄي پاڪستان جو عوام حڪومت جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهي.اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو گلگت بلتستان جي عوام کي آزاد ڪرايو، بينظير ڀٽو گلگت بلتستان جي حقن ڳالهه ڪئي، آصف زرداري گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏنو، مهدي شاهه گلگت بلتستان جي 25 هزار نوجوانن کي روزگار ڏياريو پر پيپلز پارٽي حڪومت کان پوءِ انهن نوجوانن کان روزگار کسيو ويو، هاڻ پيپلز پارٽي جي نئين نسل جي جدوجهد شروع ٿي چڪي آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي بهادر ۽ عوامي نمائندو گهرجي، هنن کي اهڙو نمائندو چونڊڻو آهي جيڪو اسڪردو جا مسئلا حل ڪري، سڄي پاڪستان ۾ تبديلي جي نالي تي تباهي شروع ٿي وئي آهي، گلگلت بلتستان کي ان تباهي کان بچائينداسين، گلگت بلتستان جو عوام دوکو نٿو کائي سگهي، عوام ڪنهن ڪٺ پتلي جو ساٿ نه ڏيندو، ڪنهن سليڪٽڊ جو ساٿ نه ڏينداسين، سڄي پاڪستان جو عوام حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *