عوامي کي بنيادي سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري هئي جيڪا نه ڪري سگهي؛چيف جسٽس

پشاور (اين اين آءِ) چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هئي جيڪا هو پوري نه ڪري سگهي خميس تي چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽري ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌني ڪئي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هر آچر تي هتي عدالت لڳائڻ ايندو آهيان عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هئي حڪومت پوري نه ڪري سگهي هاڻي اسان ڪنداسين ٻئي پاسي چيف جسٽس پشاور ۾ الراضي ميڊيڪل ڪاليج جو دورو ڪيو جتي هن مختلف شعبن جو معائنو ڪيو چيف جسٽس ثاقب نثار خانگي ڪاليج پاران شاگردن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو چيف جسٽس چيو ته هاسٽل ٽرانسپورٽ ۽ ليبارٽري جي نالي تي شاگردن کان لکين رپيا ورتا پيا وڃن جڏهن ته انهن تمام گهٽ سهولتون ڏنيون پيون وڃن چيف جسٽس ايف آءِ اي کي خانگي ميڊيڪل ڪاليج جو رڪارڊ قبضو ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ان کان سواءِ چيف جسٽس پشاور ۾ ليڊي ريڊنگ اسپتال جو به دورو ڪيو جتي هن مختلف وارڊن جو معائنو ڪيو ان موقعي تي آءِ جي ڪي پي ڪي ۽ صحت کاتي جا عملدار به ان سان گڏ هئا چيف جسٽس جي دوري جي موقعي تي اسپتال ۾ موجود شهرين سڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا شهرين شڪايت ڪئي ته سيڪيورٽي نه آهي علاج نه آهي ڪائي تبديلي ناهي آئي چيف جسٽس صاحب اوهان مان اميدون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *