عوامي ووٽ جي تقدس کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، تماشو بند نه ٿيو ته ملڪ حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو: نواز شريف

August 15, 2017 at 8:14 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته هر قيمت تي ووٽ جو تقدس قائم رکيو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀري ڪتاب تي پنهنجا تاثر لکيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته قائد اعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻو آهي ته آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جمهوريت عوام جي ووٽ جي تقدس جو نالو آهي. سندس چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي قائد اعظم جي طئي ڪيل رستي تي گامزن ڪيو وڃي. نواز شريف چيو ته هڪ ٻانهن ڪٽجي بنگلاديش بڻجي ويو، جڏهن ته باقي بچل حصي ۾ ڏڦيڙ ڏٺو ويو آهي. هن چيو ته عوامي سمنڊ ايئن ئي ساڻس گڏ اسلام آباد کان لاهور نه پهتو، هو ڏسي رهيا هئا ته ملڪي ترقي عروج تي هئي. سندس چوڻ هو ته اڃا هڪ سال باقي هو، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ سان گڏ وڏي مقدار ۾ بجلي آندي وڃي ها. نواز شريف چيو ته اسان انشاءَ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اهو نه هو ته برابري نه هجي. سندس چوڻ هو ته ڏاڏي جي دور جو ڪيس پوٽو ڀوڳي رهيو آهي پر انصاف نه ٿو ملي. نواز شريف چيو ته اسان ماڻهن جي اميدن تي پورو لٿاسين جنهن ۾ ڪو به شڪ ناهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن وٽ زمينون ۽ ملڪيتون آهن ته ٻين وٽ به هئڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته جيڪي گهر ٺاهڻ جي طاقت نه ٿا رکن تن کي گهر ڏينداسين. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان اقتصادي طور مضبوط هجي، پاڪستان جي ڌرتي 20 ڪروڙ عوام جي ملڪيت آهي، ڪجهه ماڻهن جي جاگير ناهي. هن چيو ته 70 ورهين کان هلندڙ تماشو بند نه ٿيو ته اهو ملڪ کي ڪنهن حادثي جي ور چاڙهي ڇڏيندو ۽ ملڪ ڪو وڌيڪ حادثو برداشت نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته  عوام جي ووٽ جو احترام نه هئڻ سبب ملڪ مصيبتن جي ور چڙهيل آهي، قوم سان گڏجي ووٽ جو تقدس يقيني بڻايو ويندو جيڪا ايجنڊا نمبر ون هوندي. نواز شريف چيو ته ترقي جي رفتار ۾ رنڊڪ پوڻ سان گهڻو نقصان ٿيو آهي.

اي پيپر