عوامي نيشنل پارٽي به چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو، احتجاج جو اعلان

چارسده ( م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسفند يار ولي چيو ته پولنگ واري ڏينهن 6 وڳي تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو هو، هر هنڌ 6 وڳي کانپوءِ گڙ ٻڙ ٿي آهي. هن چيو ته  منهنجي تڪ ۾ ووٽن جي ڳڻپ درست نه ٿي آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته احتجاج ڪنداسين، اي پي سي ۾ طئي ڪيو ويندو ته اڳتي ڪرڻو ڇا آهي. سندس چوڻ هو ته اسان چونڊ نتيجن کي رد ڪريون ٿا ۽ 30 جولاءِ تي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. اسفند يار ولي چيو ته سمورن خدشن باوجود جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *