عوامي شڪايتن جي تڪڙي حل سان حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد پيدا ٿيندو: صدر ممنون

February 14, 2017 at 8:02 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو)  صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوامي شڪايتن جي فوري حل سان نه رڳو ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا پر حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد به پيدا ٿيندو جيڪو رياست جي استحڪام لاءِ فائديمند آهي، عوامي مسئلن جو فوري حل سٺي نظم ۽ ضبط جي ضمانت آهي، صدر اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي انشورنس محتسب (ايف آءِ او) محمد رئيس الدين پراچا سان ملاقات دوران چئي. صدر ممنون حسين سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان ۽ عوامي شڪايتن جي فوري حل جي اداري جي وچ ۾ هڪ موثر رابطي نظام جي ضرورت تي زور ڏنو، صدر چيو ته ايف آءِ او محتسب جي عالمي ادارن جي تجربن ۽ جاري جديد تحقيق مان فائدو وٺي رهيا آهن، هن گذريل سال جي دوران ايف آءِ او سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته اهو مستقبل ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائيندي عوام جي موثر خدمت جاري رکندو. ان موقعي تي اهم ڪيسن جي لائيو ڪوريج جي تجويز جو به جائزو ورتو ويو ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪري سگهجي، وفاقي انشورنس محتسب صدر کي ٻڌايو ته سال ۱٦_۲۰۱۵ع ۾ مختلف انشورنس ڪمپنين خلاف ۸۳۹ شڪايتون داخل ڪيون ويون ۽ اداري انهن مان ۴٦۵ شڪايتن تي فيصلو ڪيو.

اي پيپر