عوامي تحريڪ جو سنڌ بچايو لانگ مارچ جو وک وک تي شاندار استقبال،اڄ پريس ڪلب تي وڏو جلسو ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي تحريڪ جو ذوالفقارآباد، بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، گوڙاڻو ڊيم، دهشتگردي، انتهاپسندي، ڪرپشن، بدامني، پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ۽ آدمشماري ۾ سنڌي ڳڻائڻ لاءِ جاڳرتا لاءِ اسلام ڪوٽ کان نڪتل سنڌ بچايو لانگ مارچ رات عمر ماروي ڳوٺ ۾ رهڻ کانپوءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ غلام نبي کوسو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر سرتاج احمد چانڊيو، عارف جوڻيجو، شمشاد لغاري، انور رند، نور احمد ڪاتيار، منان شيخ، مريم گوپانگ، ربڏنو نوحاڻي، پهلاج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قائد آباد، ملير، ايئرپورٽ روڊ، ناٿا خان کان ٿيندو ڊرگ روڊ پهتو. قافلو جيئن ئي قائد آباد پل وٽ پهتو ته عوامي تحريڪ اڳواڻ اختر لنڊ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو. قافلو جڏهن ملير ڪورٽ وٽ پهتو ته ملير بار جي جنرل سيڪريٽري ناصر رضا رند ايڊووڪيٽ، شيرخان راهوجو ايڊووڪيٽ، عبدالرزاق سولنگي ايڊووڪيٽ جي اڳواڻي ۾ سوين وڪيلن گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو. ناٿا خان پل وٽ ٿر سجاڳ سٿ اڳواڻ دليپ دوشي، عوامي تحريڪ اڳواڻن عبدالله ٻپڙ، راشد بليدي، راول گوپانگ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن قافلي تي گل نڇاور ڪري استقبال ڪيو ۽ اڳواڻن کي اجرڪون پارايون. مختلف استقبالي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ غلام نبي کوسي چيو ته قوم پنج هزار سالن جي پراڻي تهذيب رکندڙ سنڌ ڌرتي جي وارث قوم رهي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڌرتي جي وارثي جي حق تان دستبردار نه ٿيندي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي حڪمرانن پهرين جناح کي قتل ڪيو ان کان پوءِ پاڪستان جي بنيادي معاهدي جي دستاويز 1940 جي قراداد تان ڦري ويا. هن چيو ته قائد اعظم لبرل، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان بڻائڻ پئي چاهيو پر پاڪستان جي حڪمرانن 1940ع واري قراداد کان منهن موڙي قرادادِ مقاصد جي نالي ۾ پهريون ڀيرو جناح جي اصولن کان منهن موڙيندي پاڪستان جي رياست کي مذهبي انتهاپسند رياست ۽ اڳيان هلي ون يونٽ لاڳو ڪري غير جمهوري رياست بڻائي مظلوم قومن کي پنهنجي حقن ۽ وسيلن کان محروم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سنڌ پنهنجي عظيم اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ پُرامن جمهوري جدوجهد ذريعي ايوب خان، جنرل يحيٰ، جنرل ضياالحق ۽ جنرل مشرف جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني ڊڪٽيٽرشپ کي چيلينج ڪري پاڪستان بچائڻ جي تحريڪ هلائي. هن چيو ته توهان اسان جي اڳواڻن کي بار بار پاڪستان ۽ وفاق دشمني جا الزام هڻي جيلن ۾ موڪليندا رهيا ۽ هنن جي عوام دوست، قوم دوست جمهوري ۽ مذهبي رواداري جي پيغامن کي دٻائيندا رهيا. هن چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن حيدر بخش جتوئي، شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، ابراهيم منشي، شيخ اياز، طارق اشرف، رشيد ڀٽي ۽ ٻين کي سنڌ دوستي، انسان دوستي، امن ۽ رواداري جو پيغام ڏيڻ جي ڏوھ ۾ جيل ۾ وجهي پاڪستان کي عالمي دهشتگرد مافيا جي نمائندن، را جي ايجنٽن، مذهبي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي سنڌ توڙي پاڪستان جو والي ۽ وارث بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته هاڻ پاڪستان جي حڪمرانن جون پاليسيون واضح نموني غلط ثابت ٿيون آهن ۽ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته سنڌ دشمني پاڪستان دوستي ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته توهان 70 سالن کان اسان جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا آهن اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون آهن، اسان کي پنهنجي قومي اقتدارِ اعليٰ کان محروم ڪندا رهيا آهيو، اسان کي پنهنجي مرڪزي شهر ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيو پر هاڻ سنڌي قوم توهان جي ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جا وڏيرا هميشه قوم دشمنن سان مفاهمتون ڪندا رهيا ۽ قوم ڦرائيندا رهيا آهن. ان ڪري سنڌ جو هي نئون نسل وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن جي چڱ مڙسي کان انڪار ڪري ٿو ۽ پنهنجي وسيلن ۽

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *