ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي صوبائي ٽاسڪ فورس پاران اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ بنيادي ڍانچي، اسٽاف ۽ اسمگلرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ۾ ادارن جو سهڪار نه هجڻ جو انڪشاف، صوبائي ٽاسڪ فورس جي اختيارين پاران اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ پيش ايندڙ مسئلن واري تفصيلي رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ صوبائي ٽاسڪ فورس جي اختيارين پاران سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اداري ۾ نه رڳو اسٽاف ۽ بنيادي ڍانچي جي کوٽ آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن جو به فقدان آهي، مختلف مُلڪن مان غيرقانوني طور ايندڙ اسمن جي مُلڪي معيشت تي پوندڙ اثرن کي به غور هيٺ نه پيو آندو وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مختلف اسم اسمگل ڪندڙن جي سروي ڪري سندن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ اها تجويز به ڏني وئي آهي ته اختيار وارن حدن جو تعين ڪري اسمگلرن خلاف گڏيل حڪمت عملي سان آپريشن جي ضرورت آهي. ادارن جي رابطن واري فقدان کي ختم ڪري ڄاڻ جي مٽا سٽا واري عمل کي بهتر بڻائي عوام ۾ آگاهي ڏني وڃي، جيئن اسمگلنگ کي روڪي سگھجي.