عمران ۽ نواز شريف دهشتگردن جا حامي آهن: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان ۽ نوازشريف اڄ به طالبان ۽ دهشتگردن جا حامي آهن جيڪي دهشتگردن۽ دهشتگرديءَ جي خلاف کلي عام ڳالهائڻ کان به انڪاري آهن. اهڙن خيالن جواظهار هن ڪالهه يار محمد ڪلهوڙو ڪالوني سميت شهرن جي مختلفن هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ۽ جعفري امام بارگاه ۾ علامه قمر عباس پاران پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگرديءَ جو شڪار رهي آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو سميت سوين ڪارڪنن دهشتگرديءَ سبب جانين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پيپلز پارٽي دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ جي خلاف آواز اٿاريندي رهندي. هن چيو ته حق ۽ باطل جي جنگ ۾ فتح حق جي ئي ٿيندي. نثار کهڙو چيو ته بلاول ڀٽو جي شاندار استقبال جي ڊپ کان پيپپلز پارٽيءَ جي قيادت کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ميدان خالي نه ڇڏيندي. هن چيو ته چونڊن ۾ عوام کي ئي راءِ ڏيڻي هوندي آهي.۽ آخري فيصلو ووٽرز کي ئي ڪرڻو هوندو آهي ته ووٽرز ڪنهن کي ٿا ووٽ ڪن ۽ پيپلز پارٽيءَ جو عوام تي اعتماد آهي. هن چيو ته جڏهن ضابطه اخلاق سخت بڻايو ويندو ته چونڊن مهم تي اثر پوندو آهي ان ڪري سڀني جماعتن کي چونڊ مهم آزاد نموني هلائڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي. ڪارنر گڏجاڻيءَ کي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پوليٽڪيل سيڪريٽري جميل سومرو خطاب ڪندي چيو ته جيڪي بلاول ڀٽو سامهون چونڊ وڙهي رهيا آهن انهن وٽ عوام لاءِ ڪو به منشور ۽ پروگرام ناهي ۽ عوام جي بهتريءَ لاءِ پروگرام صرف پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي. هن چيو ته 25 جولاءِ تي عوام تير کي ڪامياب ڪري پنهنجي طاقت کي وڌائي. پي ايس 11 جي اميدوار ندا کهڙو چيو ته 25 جولاءِ کان پوءِ پ پ  مخالفن جي سياست ئي ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اسيمبليءَ ۾ نثار کهڙو وانگر سنڌ جو آواز بڻجنديس ۽ سنڌ جي عوام جو آواز پنهنجي والد وانگر اهڙي ئي نموني اسمبلي اندر به گونجندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *