عمران ۽ الطاف هڪ ٻئي جو عڪس آهن، نواز شريف ووٽ جي عزت ڪري ها ته کيس عزت ملي ها: بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورتر) پيپلزپارٽي پاران 44 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو، عوامي سمنڊ اٿلي پيو، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ساڙيو ويو،ڪارڪنن جا گهر اجاڙيا ويا، تشدد ڪيو ويو اسان ڪراچي جي امن لاءِ  وڏيون قربانيون ڏنيون.اسان لنڊن ۾ ويهي ڪراچيءَ لاءِ حڪم جاري نه ڪيا،ڪنهن هڪ شخص جي چوڻ تي شهر ۾ ٻوري بند لاش اڇلايا ويندا هئا، ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي ويندي هئي.اگر الطاف خراب آهي ته ان جا ساٿي ۽ سهولتڪار به خراب آهن، جيڪو پنهنجي ليڊر جو نه ٿي سگهي اهو عوام جو ڪيئن ٿيندو.ڪراچي ۾ باهه ٻرندي هئي، ماڻهو گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا هئا، ٽرانسپورٽ روڊن تي نظر نه ايندي هئي اڄ ڪراچي ۾ اسان امن بحال ڪرايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *