عمران نيازي، پرويز مشرف وارا ڪم ڪري رهيو آهي:شهباز شريف

لنڊن (م ڊ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جيان شريف فيملي جي گهرن تي قبضا ۽ فيڪٽريون بند ڪري رهيو آهي.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسحاق ڊار حلال جي ڪمائي سان گهر ٺاهيو، جنهن کي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ منع نامي جو حڪم ڏنو، پوءِ به اسحاق ڊار جي گهر کي اولڊ هائوس قرار ڏنو ويو، پنجاب حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلا جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، انهن جي نظر ۾ قانون ۽ عدليا جي اهميت اها آهي.سندس چوڻ هو هي اهي ماڻهو آهن، جن رات ڏينهن يوٽرن ورتا ۽ ماڻهن کي سٺا خواب ڏيکاريا، عمران خان چيو ته مان ڪرپشن ختم ڪندس، هن اهو به چيو هو ته جڏهن ڊالر مٿي ويندو آهي ۽ مهانگائي ٿيندي آهي ته وزيراعظم ڪرپٽ هوندو آهي، هاڻ فيصلو ڪيو ڪير ڪرپٽ آهي ۽ ڪير نه.هن چيو ته بلين ٽري منصوبو ڪاڏي ويو، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، بي آر ٽي منصوبو ڪرپشن جي آماجگاهه بڻجي چڪو آهي، اڄ مهانگائي، بي روزگاري ۽ لاقانونيت جو راڄ آهي.مريم نواز کي لنڊن وڃڻ جي اجازت جي سوال تي شهباز شريف چيو ته الله پاڪ کان دعا آهي ته مريم نواز کي هاءِ ڪورٽ مان اجازت ملي.مخالف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ماڊل ٽائون ۾ ڇاپو غنڊا گردي آهي، سڄي ملڪ ۾ عمران خان، نيب ۽ شهزاد اڪبر کي شريف فيملي کانسواءِ ڪجهه نظر نٿو اچي، مشرف دور ۾ ماڊل ٽائون جو گهر ورتو ويو، آفيسن ۽ فيڪٽرين کي بند ڪيو ويو، اڄ عمران نيازي اهي ئي قدم ٻيهر کڻي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *