عمران سرڪار مطالبا نه مڃيا ته بلاول جي آڇ تي غور ڪبو: ميئر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ته ايم ڪيو ايم پ پ چيئرمين جي ڏنل آڇ تي غور ڪندي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار پاران ايم ڪيو ايم سان اتحاد وقت ڪيل واعدن توڙي معاهدن تي عمل ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب سندن خدشا برقرار آهن، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي فيصلن ۾ آزاد هوندي ۽ پ پ چيئرمين جي ڏنل آڇ تي پڻ غور ڪري سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *