عمران زرداري تي تنقيد جي بدران پاڻ عدالتن کان آزاد ٿئي : قمر زمان قائرا

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوان قمر زمان قائرا چيو ته عمران خان آصف زرداري تي تنقيد ڪرڻ بدران پاڻ کي عدالتن مان آزاد ڪرائي انکان پوءِ پ پ پ جي ڳالهه ڪري، هڪ انٽرويو ۾ قمر زمان قائرا چيو ته عمران خان ئي اسان ته پاڻ چئي رهيا آهيون ته سڀني جو احتساب ٿيڻ گھرجي عمران خان اها خبر هجڻ گھرجي ته آصف زرداري سمورين عدالتن مان آزاد ٿي چڪو آهي. عمران خان کي هاڻِي پنهنجي تقريرن ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ گھرجي. ان لاءِ هن آصف زرداري جو نالو ورتو ، جيڪڏهن هو اسانجو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون، هن چيو ته عمران خان پاناما معاملي ۾ عدالتن ۾ ويو ۽ انکان سواءِ ته هو اسان سان ئي نه پر سڀني سان گڏ هيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *