عمران خان 2013 جي اليڪشن جو صدمو نه وساري سگھيو، پارٽِي متحد آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان 2013 جي اليڪشن جو صدمو نه وساري سگھيو پارٽي متحد آهي، اسان بدديانت هجون هان ته ملڪ جو خزانو نه ڀريون ها ۽ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري سي پيڪ جي ذريعي نه اچي هان، هن چيوته پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي آهي ۽ لوڊشيڊنگ به جلدي ختم ٿيڻ واري آهي ملڪ ۾ نوان منصوبا ٺهي رهيا آهن. مخالف ترقياتي منصوبا روڪڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. ڪابينا اجلاس ۾ سمورا ميمبر وزيراعظم تي اعتماد ڪن ٿا، وفاقي وزير چيو ته جي آئي ٽي سياسي ايجنڊي تي لکي وئي. پي ٽي آئي جي هم خيال پارٽِن ملڪ سياسي بحرن جي ڪوشش ڪئي آهي. وزيراعظم جا هٿ صاف آهن ۽ ان جي خاندان ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي. هن چيو ته جي آئي ٽي رپورٽ حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي سازش آهي. هن چيوته گلگت بلتستان، فاٽا ۽ چئني صوبن جي عوام ۾ نوازشريف مقبول ليڊر آهي. وزيراعظم جي خلاف سازش اسانجي معاشي منصوبن جي خلاف آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *