منڊي بهاوالدين(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف خلائي مخلوق جي ڳالهه ان ڪري ڪري رهيو آهي ته ڇو سندس مدد ناهي ٿي رهي. منڊي بهاو الدين ۾ ميمبر سازي ڪيمپ ۾ خطاب دوران هن چيو ته عمران خان ۽ نواز شريف هڪ جهڙي سياست ڪري رهيا آهن، ٻنهي جون پاليسيون هڪ جهڙيون آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي سياست ڪئي آهي ۽ عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪيو آهي. هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، غريب مري رهيا آهن، اِهي ماڻهو ڪهڙي منهن سان خوشحالي جي ڳالهه ڪندا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هارين کي بارداڻو ناهي ملي رهيو هاري ڪيڏانهن وڃن، اسان هميشه هاري دوستي جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته منهنجو عوام سان نظريي جو رشتو آهي، جيڪو نظريو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو هو اهو ئي منهنجو نظريو آهي. پ پ جي چيئرمين چيو ته پنجاب جي هارين هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو، يقين آهي ته اڳتي لاءِ به هتان جو عوام منهنجو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته ن ليگ هارين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هارين کي سندس فصل جي اصل قيمت ناهي ملي رهي، پيپلز پارٽي وفاق ۾ اچي ڪڻڪ جي قيمت 600 کان وڌائي 1200 رپيا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اميرن کي وڌيڪ امير بڻائن سان ملڪ خوشحالي ناهي ٿيندو. هن چيو ته منهنجي سياست جمهوري ۽ وفاقي سياست آهي، اسان پنهنجون جانيون ڏنيون.