عمران خان ۽ نوازشريف جون معاشي پاليسيون هڪ ئي آهن، ٻئي جماعتون امير کي امير بنائڻ جي پاليسي اختيار ڪن ٿيون: بلاول ڀٽو زرداري

نوابشاهه (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته پ پ پ ڪائي تحريڪ نه پئي هلائي هي لانگ مارچ نه آهي رڳو ٽرين مارچ آهي ۽ هڪ سفر آهي پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هن کان به ڊڄي رهي آهي ۽ وزيراعظم هائوس مان رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن عمران خان ۽ نوازشريف جون معاشي پاليسيون ساڳيون ئي آهن ٻئي جماعتون امير کي وڌيڪ امير بنائڻ جي پاليسي اختيار ڪن ٿيون پ پ پ ليفٽ سينٽر جي جماعت آهي ۽ غريب جي ڳالهه ڪري ٿي جڏهن ته ٻيون سياسي جماعتون ساڄي ڌر جو مائنڊ سيڊ جون مالڪ آهن پ پ پ کي ڪمزور ڪري سنڌ تائين محدود ڪرايو ويو نوابشاهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڊڄڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي ايترو ڊپ ڏيکارڻ جي ضرورت نه آهي پر ان سان گڏ مان اهو به مڃان ٿو ته جڏهن حڪومت رڳو ڇهن ووٽن تي ٺهيل هجي ته ان کي عدم تحفظ جو احساس ٿيندو آهي هن چيو ته مينگل صاحب نظرياتي ۽ سينيئر سياستدان آهي هن ياد ڏياريو ته سندس ڇهه پوائنٽس آهن حڪومت کان ان جا اتحادي ناراٰض آهن ۽ جيڪڏهن اتحادين جا مطالبا پورا نه ٿيندا ته حڪومت نه هلي سگهندي هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان جي حڪومت نيب کان شروع ٿئي ٿي ۽ نيب تي ختم ٿئي ٿي سندس چوڻ هو ته سليڪٽڊ حڪومت کي نيب ئي هلائي ٿي پ پ پ چيرئرمين چيو ته سياستدانن سان گڏوگڏ سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي پر پرويز مشرف جو نيب قانون ختم ڪرڻ ضروري آهي بلاول ڀٽو زور ڏنو ته احتساب لاءِ نئون ادارو بنائڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته فوجي عدالتون ڪامياب نه ٿيون عدالتي سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي هڪ جهڙيون جماعتون قرار ڏيندي هن چيو ته عمران خان ۽ نوازشريف جون معاشي پاليسيون هڪ ئي آهن. هن الزام مڙهيو ته پ پ پ کي ڪمزور ڪري سنڌ تائين محدود ڪرايو ويو هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان 10 سالن کان پوءِ تائين مون تي ڪوبه الزام نه لڳو پر هاڻي منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي بلاول ڀٽو چيو ته مذهب زبردستي مٽائڻ جي مذمت ڪيان ٿو هن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي بل منظور ڪيو هو پر اڳوڻي گورنر جي ڪري اهو قانون نه ٺهي سگهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *