سلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير لاءِ عاطف خان جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ڪي پي جي وڏي وزير لاءِ پرويز خٽڪ ۽ عاطف خان وچ ۾ مقابلو هو، جڏهن ته عمران خان ڪي پي اسيمبلي جي قائد ايوان لاءِ عاطف خان جو نالو فائنل ڪيو آهي. واضح رهي ته خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي پر هو قومي اسيمبلي بدران ڪي پي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جو عهدو سنڀالڻ چاهي ٿو.