خيرپور) شاهد نواز سيال ) وزير اعلي سنڌ جي خاص معاون نواب علي وساڻ جو پير جو ڳوٺ شهر جو طوفاني دورو، ورڪرن سان تعزيتون ان موقعي تي نواب علي وساڻ پير جو ڳوٺ شهر ۾ سيد لطيف شاهه راشدي، ڊاڪٽر برڪت علي ڪانهر، علي ڏنو جلباڻي ۽ شرف الدين ميمڻ جي لاڏاڻي تي سندس پونئيرن سان تعزيتون ڪيون ۽ پي پي پي تعلقي پير جو ڳوٺ جي انفارميشن سيڪريٽري عبدالحميد عباسي جي والد جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بيساکين تي حڪومت ڪرڻ واري وفاقي حڪومت سنڌ فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي آهي عمران خان کي سنڌ ۾ ڪجھ به نه ملندو عمران خان ڪمزور وزير اعظم ۽ گهٽ عقل وارو سياستدان آهي، عمران خان قومي سياست ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي ملڪ جو واحد ليڊر بلاول ڀٽو زرداري آهي جيڪو ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪري سگهي ٿو، وفاقي حڪومت جي خارجا پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري ڀارت اسان کي اکيون پيو ڏيکاري پر ڀارت ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ته پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي ۽ پاڪ فوج پنهنجي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ دوهاندار تقرير ڀارت کي وائڙپ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي نواب علي وساڻ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو هر ڪارڪن پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ سان گڏ بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏينداسي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي پايا تڪميل تائين پهچائينداسين ان موقعي تي سيد آفتاب شاهه راشدي، سيد روشن شاهه، سيد اڪرام شاهه، ابراهيم منڱريو، چوڌري يعقوب علي کوکر، شير ڪانهر، فيروز علي ڪانهر، غلام رسول سومرو، راجا ثقلين انصاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا