عمران خان ڪرڪيٽ جي ٽڪيٽن ۾ منشيات پرڏيهه اسمگل ڪندو رهندو آهي: ناصر شاهه

سکر(بيورو) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه الزام لڳايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاڻ ڪرڪيٽ جي ٽڪيٽن ۾ منشيات وجهي پرڏيهه اسمگلنگ ڪندو رهندو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تي ٽڪيٽون بيلڪ ڪرڻ جو الزام لڳائيندڙ عمران خان پاڻ ڪرڪيٽ جي ٽڪيٽن ۾ منشيات وجهي پرڏيهه اسمگلنگ ڪندو هو.  هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان خلاف منشيات اسمگلنگ جا ثبوت موجود آهن، ۽ کيس ان جو جواب ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري پاڻ سيمينا گهر جو مالڪ هو ۽ هڪ مالڪ جي ٽڪيٽون بليڪ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر عمران خان جي ته بيٽ ۾ به منشيات اسمگل ٿيندي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *