اسلام آباد( بيورو) اليڪشن ڪميشن ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد کي حڪم جاري ڪيو آهي ته 25 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪري ڪميشن سامهون پيش ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاريءَ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ ان حوالي سان ايس ايس پي آپريشن اسلام آباد کي گرفتاري وارنٽ به موڪليا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري 25 سيپٽمبر تي ڪميشن سامهون پيش ڪيو وڃي پر عمران خان ضمانت ڪرائي ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي.