عمران خان کي غلط فهمي آهي ته هو سازشو ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو: بلاول

لالا موسيٰ (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمرانخ ان غلط فهمي ۾ آهي ته هو سازشو ڪري وزراعظم بڻجي سگهي ٿو جيڪڏهن هو ايترو مقبول هجي ها ته کيس ايتريون سهولتون ڏيڻ جي ڀلا ضرورت ڪهڙي آهي ڪٺپتلي اتحاد بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيالا وڙهڻ لاءِ جوش ۾ آهن پهريان به مشڪaل وقت کي منهن ڏيئي چڪا آهيون هاڻي به مشڪل وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پابندي پيل تنظيمن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي اربع تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري عمران خان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته گارگند ۽ نفرت سان سياست ڪري شايد گهٽ مدي فائدو ورتو وڃي ۽ هي لاڏلي جي پراڻي عادت آهي جڏهن ته هن عمل سان قوم کي ڊگهي مدي نقصان ٿيندو بلاول ڀتو زرداري چيو ته عوام دوست پاليسيز کي ملڪي سياست تي ترجيحي ڏيندس اڳ به چيو ته ڪالعدم تنظيمن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي ان تي بار بار اعتراض ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي به شڪايت ڪئي پابندي پيل تنظيمن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي مذمت ڪيان ٿو هنچ يو ته پنجاب جي سياست ۾ نظرياتي بحران آهي ان لاءِ پيپلزپارٽي وڙهندي پي ٽي آ3 ۽ نوازشريف پارٽي جو منشور هڪجهڙو آهي اسان جو سفر صرف اليڪشن تائين محدود نه آهي ان لاءِ پيپلزپارٽي جو منشور ٻين سمورين جماعتن کان مختلف آهي اسان بينظير ڀٽو جي فلسفي تي هلندي مثبت سياست ڪنداسين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڏلي جي سياست سان مستقبل ۾ ملڪ کي نقصان پهچي سگهي ٿو عمران خان شفاف اليڪشن کان ڊڄي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *