عمران خان کان ڪوڙي اين او سي بابت رپورٽ طلب، ڪنهن جو به گهر ڊهڻ نه ڏبو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ عمران خان کان اسلام آباد انتظاميا جي بني گالا گهر جي اين او سي ڪوڙي قرار ڏيڻ واري رپورٽ تي هڪ هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ليز تي سرڪاري ايراضي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس وزير ڪيڊ طارق فضل چوڌري کي مخاطب ڪندي چيو ته توها عدالت عظميٰ کان ڪهڙو امتحان وٺڻ ٿا چاهيو؟ توهان جي پنج سالن جو امتحان ڪير وٺندو؟ بني گالا جي رهواسين جي مسئلن جي حل ۽ راول ڊيم ۾ خراب پاڻي شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڪهڙا بندوبست ڪيا ويا؟ چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي اين او سي بابت اسلام آباد انتظاميا جو جواب ملي ويو؟ وڪيل فيصل چوڌري چيو ته جواب جي ڪاپي اسان کي نه ميڊيا کي ملي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته ميڊيا سپريم ڪورٽ جو حصو آهي، هتي جيڪو ٿيندو آهي ميڊيا کي ان کان وڌيڪ ڄاڻ هوندي آهي. چيف جسٽس چيئرمين سي ڊي اي کي حڪم ڏنو ته راول ڊيم جي ڀرسان ليز تي ڏنل سرڪاري ايراضي جو جائزو وٺو ۽ جيڪڏهن ليز رد ڪرڻي آهي ته ڪيو، علائقي واسين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن، واعدو ٿا ڪيون ته بني گالا ۾ ڪنهن جو گهر ڊهڻ نه ڏينداسين. چيف جسٽس چيو ته ٽي وي تي اربين رپين جي اشتهاري مهم هلي رهي آهي، اسان جو اليڪشن سان ڪو به واسطو ناهي، اُهي پاڻ پنهنجو ڪم ڄاڻن،  اسان کي ٻارن لاءِ صاف پاڻي، خوراڪ ۽ هوا گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *