ملتان (م ڊ) سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان ڌرڻي ۾ ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو ته يوم تشڪر ملهائڻ جو اعلان ڪيو، شيخ رشيد جي ڪا سياسي حيثيت ناهي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مخدوم هاشمي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بني گالا کان ٻاهر ئي نه نڪتو، ڪارڪن ٻاهر لٺيون کائي رهيا هئا پر هو اندر ئي موجود هو. مخدوم جاويد هاشمي وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن سڀني جو احتساب ڪيو ته پوءِ ڪو به بچي نه سگهندو، وزيراعظم پاناما پيپرز تي پنهنجو بچاءُ بهتر نموني ڪري سگهي ٿو. منهنجي جنگ هڪ ماڻهو کي بچائڻ لاءِ نه هئي، پرويز مشرف اسان کي جنگ ۾ ڦاسائي پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو هو.