عمران خان پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه غير ذميوار ماڻهو، جن جو قومي سلامتي سان ڪو واسطو ناهي اڄ هر چئنل تي اچي ڳالهائي رهيا آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري پ پ گلگت بلتستان چونڊن لاءِ پارٽي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو.پ پ چيئرمين چيو ته بند ڪمرن جا تفصيل ٻاهر ناهن آندا ويندا، گلگت بلتستان تي اسان کي گڏجاڻي جي دعوت ڏني وئي هئي، بند ڪمري جي ڳالهه ڪندڙ جنهن جا به ترجمان آهن، انهن کي چوڻ گهرجي ته چُپ ٿي وڃو.هن چيو ته وزيراعظم کانسواءِ قومي سلامتي تي بريفنگ نه ٿيڻ گهرجي پر ماضي ۾ ۽ ان ميٽنگ ۾ به وزيراعظم کانسواءِ نيشنل سيڪيورٽي تي ڳالهه ٿي، وزيراعظم جي موجودگي ضروري هئي اهو اسان جو حتمي موقف آهي، قومي سلامتي جي معاملي تي ڪالهه به هڪ هئاسين، اڄ به آهيون ۽ رهنداسين.سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان هر معاملي ۾ ناڪام رهيو آهي، قومي مسئلن تي اپوزيشن کي انگيج ڪرڻ وزيراعظم جي ذميواري آهي، اهم اشوز تي وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي جي ميٽنگ نٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏئي.پ پ چيئرمين گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو ته ملاقات ۾ اسان جو موقف هو ته گلگت بلتستان جو عوام پنهنجي مستقبل جا فيصلا پاڻ ڪندو، چونڊيل اسيمبلي جيڪو به فيصلو ڪندي اسان کي قبول هوندو، آرمي چيف به متفق آهي ته گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فرنٽ اتحاد ٺهي چڪو آهي، اي پي سي ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪيا ويا، اسان ميڊيا تي سينسر شپ جو خاتمو چاهيون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *