عمران خان پنجاب هائوس ۾ وڏي وزير جي اينڪسي ۾ رهندو: نعيم الحق

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف  جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته وزارت عظميٰ  جو عهدو سنڀالڻ بعد عمران خان پنجاب هائوس ۾ وڏي وزير جي اينڪسي ۾ رهندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق ٻڌايو ته هن پارٽي چيئرمين عمران خان جي چوڻ تي پنجاب هائوس جو دورو ڪيو، عمران خان پنجاب هائوس ۾ وڏي وزير جي اينڪسي ۾ رهندو ۽ ويڪ اينڊ تي پنهنجي گهر هليو ويندو. هن چيو ته اين اي 131 جي ٻيهر ڳڻپ ٿئي ها ته اسان کي ڪو به اعتراض نه هو، اسان جا پنج ماڻهو ڳڻپ لاءِ تيار هئا، باقي تڪن جو معاملو پڻ سڀاڻي تائين حل ٿي ويندو جڏهن ته احتجاج ڪندڙ چاهين ته اسان جي حڪومت سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. نعيم الحق جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جو نظام انتهائي خراب آهي، ان ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، اسان کي ان کي بهتر بڻائينداسين ته جيئن چونڊون آسان طريقيڪار تحت ٿين ۽ ڪنهن کي شڪايت نه ٿئي.واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چونڊن ۾ واضح اڪثريت ملڻ بعد پنهنجي پهرين خطاب ۾ اعلان ڪيو هو ته هو وزيراعظم چونڊجڻ بعد وزيراعظم هائوس ۾ نه رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *