خيرپور(رپورٽ: شاهد نواز سيال) وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون شهيد محترمه بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل نواب علي وساڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪجھ ڏينهن جي مهمان نه پر فواد چوڌري ڪجھ ڏينهن جو مهمان آهي ڇو ته صبح جو هڪڙو بيان ۽ شام جو ٻيو بيان ڏئي رهيو آهي ملڪ جون موجوده حالتون سنگين ٿي رهي آهي پيٽرول گئس ۽ بجلي جا اگهه آسمان سان پيا لڳن موجوده وفاقي حڪومت عوام تي ٻوجھ آهي عمران خان پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي نئون پاڪستان ٺاهڻ جي چڪر ۾ پراڻي پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو روشن مستقبل آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو ڇو ته بلاول ڀٽو زرداري ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ پاڪستان جي عوام سندس سان محبت ڪري ٿي ۽ بلاول ڀٽو زرداي ئي ملڪ مان مسئلن کي حل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو اهڙي خيالن جو اظهار هن خيرپور شهيد محترمه بينظير ڀٽو هائوسنگ اسڪيم جو دورو ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ وارا ٻڌي ڇڏين ته ڪنهن ۾ ايتري همٿ ئي ناهي جو سنڌ جو پاڻي بند ڪري سگهن، ڪمند جي آبادگارن کي سنڌ حڪومت مناسب اگهه ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندي هن چيو ته خيرپور ۾ غريب مسڪين بي گهرن ماڻهن کي گهر ڏنا ويندا خيرپور ضلعي ۾ قبضا خورن کان قبضا خالي ڪرائي غريب ماڻهن ۾ تقسيم ڪبا، پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه غريبن جي خدمت آهي ۽ بي گهر ماڻهن کي گهر ڏئي شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي مشن کي پايا تڪميل تائين پهچائينداسي ان موقعي تي ڊائريڪٽر شهيد بينظير هائوسنگ اسڪيم سيد صابر شاهه، انجنيئر نبي بخش ڊومڪي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا۔۔