عمران خان پارليامينٽ کي نه پر پاڻ کي گار ڏني آهي، قومي اسيمبلي ميمبر ڪاوڙجي پيا

اسلام آباد (اين اين آءِ( قومي اسيمبلي ميمبر لاهور جي مال روڊ تي اپوزيشن پارٽين جي احتجاجي جلسي ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاران پارليامينٽ لاءِ لعنت جو لفظ استعمال ڪرڻ ۽ شيخ رشيد پاران پارليامينٽ تي تنقيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن جي خلاف استحقاق جي تحريڪ آندي وڃي ۽ طلب ڪيو وڃي پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي خلاف ڳالهائيندڙ ڪڏهن به پاڪستان جي تاريخ ۾ زنده نه رهندا ملڪ جي سياست هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي سياستدانن پارليامينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پاڪستان کي بچائڻ جو آخري حل اسان جي پارليامينٽ هوندي وڏي سياستدان کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي اسان کي هڪ آواز بڻجي پارليامينٽ کي گاريون ڏيندڙن جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي سيد خورشيد شاهه چيو ته گذريل ڏ ينهن هن ڪنٽينر تي اسان به هئاسين اسان جو احتجاج موجوده نظام ۽ لاقانونيت جي حوالي سان هو هن چيو ته قصور پارليامينٽ جو ناهي هوندو جيڪڏهن ڪو سوچي ٿو ته قصور پارليامينٽ جو آهي ته پوءِ اهو اونداهي ۾ آهي کيس سياست ڇڏي ڏيڻ گهرجي ڪنهن کي ڀڙڪائڻ ۽ جهيڙو ڪرائڻ ۽ گار ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ملڪ جي سياست هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي پهريان هي پارليامينٽ جو وجود ئي نه هو پر هڪ ڊڪٽيٽر جي ڇٽي جي پاڇي ۾ رهي 48 کان 39 سالن کان پارليامينٽ ۾ لاها چاڙها آيا سياستدانن پارليمينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون 16 سالن جي عمر ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ ايوب خان جي دور ۾ مان ڪوڙا برداشت ڪيا پاڪستان کي بچائڻ جو آخري حل اسان جي پارليامينٽ هوندي هن چيو ته گذريل ڏينهن مون کي ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته شهيد ڀٽو جو لاش ڦاهي تي لٽڪندي نظر آيو مون کي بينظير ڀٽو جي شهادت ياد آئي جنهن دنيا جي روڪڻ باوجود هتي جمهوريت جي بحالي لاءِ اچڻ جي ڳالهه ڪئي هن پارليامينٽ 73 جو آئين جوڙيو هن پارليامينٽ اسان کي پنهنجي حقن لاءِ اواز اٿارڻ لاءِ زبان ڏني ۽ سمورن ادارن کي طاقت ڏني هن پارليامينٽ ڀارت مان 90 هزار فوجي ۽ سول قيدين کي آزاد ڪرايو ساڳي پارليامينٽ کي پاڪستان کي اينٽمي طاقت بڻايو ملڪ کي ميزائيل ٽيڪنالوجي ڏني ساڳي پارليامينٽ 18هين ترميم لاءِ صوبن کي ڊڪٽيٽر کان کسي اختيار ڏنا پارليامينٽ جي خلاف جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا اهي اسان هتي نه ورجائينداسين. جنهن به اهي لفظ چيا ان جي منهن ۾ ڌوڙ هن چيو ته هرهڪ جي خواهش هوندي آهي ته هو هن پارليامينٽ جو ميمبر بڻجي ۽ پاڪستان جي عوام ۽ ٻچي ٻچي لاءِ هتي قانون جوڙي هن چيو ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام کي انهن ذهبي مريض بڻائي ڇڏيو آهي ماڻهو سوچيندا ته هو هن پارليامينٽ کي ووٽ ڇو ڏين هن چيو ته هن ملڪ جي نوجوان کي پاڪستان جي سڃانپ گهرجي انهن ٻارڙن کان ادارن جي توهين ڪري سڃاڻپ کسي پئي وڃي هن چيو ته وڏي فخر سان چوان ٿو ته اسان سولي تي به چڙهياسين جيڪڏهن ڀٽو هجي ها ته ڪڏهن به آمريڪا جي ڊڪٽيشن نه وٺي دنيا ڀٽو جي آواز کان به ڇرڪندي هئي محترمه بينطير ڀٽو جيئري هجي ها ته ڪنهن کي پاڪستان جي خلاف 33 ارب جي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه هجي ها هن پارليامينٽ کي وڏن وڏن ماڻهن بريفنگ ڏني هن پارليامينٽ دهشتگردي جي خلاف آپريشن ضرب عضب، ردالفساد ڪيا اسان لاش کنياسين پر اسان ڪڏهن به نه چيو ته اسان کي پاڪستان نه گهرجي اسان ڪڏهن به ادارن جي توهين ناهي ڪئي اسان لعنت ناهي وڌي اسان جي وزيراعظم کي هڪ سيڪنڊ ۾ ڪڍيو ويو اسان ڪنهن اداري جي توهين ناهي ڪئي اڄ انهن ججن کي محسوس ٿيندو هو ته اها پ پ پ پاڪستان جي خوشحالي چاهي ٿي محب وطن جماعت آهي هن چيو ته اسان زينب جي قتل ۽ حڪومتي پاليسين جي مخالفت ڪيون ٿا پر مردان ۽ ڊيراسماعيل خان جي واقعن کي لڪايو وڃي ٿو هن چيو ته پاڪستان جي نالي تي اسان سر قربان ڪرڻ وارا آهيون پاڪستان جي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽائينداسين پاڪستان جي عوام کي چوان ٿو ته پاڪستان سان محبت ڪندڙن کي سڃاڻي ڪوبه استعيفا ڏي هن ايوان کي فرق نٿو پوي پر هي پارليامينٽ اسان جي محفظ ۽ ڇٽي آهي. هي چاهين ٿا ته هتي ڊڪٽيٽر شپ اچي اسان عدليه کي آزاد ڏسڻ چاهيون ٿا.پاڪستان پيپلزپارٽي هن پارليامينٽ ۽ جمهوريت لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن بينظير ڀٽو چوندي هئي ته جمهوريت بهترين انتقام آهي پارليامينٽ سپريم آهي اسان ان جي ان ڳالهه جي مذمت ڪيون ٿا انهن جي خلاف استحقاق جي تحريڪ آندي وڃي ۽ کين طلب ڪيو وڇي هن چيو ته انهن ئي ماڻهن پارليامينٽ تي حملو ڪيو اسان ان وقت به جمهوريت کي بچائڻ لاءِ هتي چوندارهياسين. هن چيو ته 2014 واري ڌرڻي کان پوءِ مسلم ليگ (ن) سميت سمورين جماعتن کي سبق سکڻ گهرجي ها عمران خان کي يوٽرن وٺڻ جي عادت آهي هو هڪ ڳالهه ڪندو آهي ۽ پوءِ ان تان ڦري ويندو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر شيخ صلاح الدين چيو ته پارليامينٽ کي گار ڏيئي هن هر پارليمينٽرين جي توهين ڪئي آهي هن 4 سال اڳ ڌرڻي وقت به ايئن ئي ڪيو هو هي غير ذميواراڻي ڳالهه ڪري هن 20 ڪروڙ عوام جي توهين ڪئي آهي جيڪي لفظ پارليامينٽ لاءِ استعمال ڪيا آهن ان حوالي سان گڏيل تحريڪ استحقاق آندي وڃي ايم ڪيو ايم ان جي حمايت ڪندي جنهن کي استعيفا ڏيڻي آهي اهو مخدوم جاويد هاشمي وانگر ايوان ۾ اچي استعيفا ڏي هن چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿيندي آهي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن هن قانون سازي تحت هلندا آهن پرليامينٽ کي گاريون ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي پارليامينٽ ۽ ٽي تي حملن جو پهريان موثر نوٽيس نه ورتو ويو اسان کي لڳي رهيو آهي ته هي ڪنهن جي اشاري تي هلي رهيا آهن ۽ امپائر جي آڱر جي اشاري ڏانهن واجهائي رهيا آهن عوامي نيشنل پارٽي جي پارليماني ليڊر حاجي غلام حيدر بلور چيو ته شيخ رشيد جڏهن کان مارشل لا جي نوڪري ڪئي آهي ان جي طيبعت ۾ فساد اچي ويو آهي جيتوڻيڪ هو هڪ بهترين سياسي ڪارڪن هو ان کي پارليامينٽ سان محبت نه آهي هو ته چاهي ٿو ته هي مارشل لا لڳي ۽ هو وزير بڻجي هن چيو ته عمران خان پاڻ کي وڏو ليڊر سمجهي ٿو ان کي ته گاريون نه ڏيڻ گهرجن ها جنهن پارليامينٽ جو هو ميمبر چونڊيو ويو انهيءَ کي گاريون ڏيئي رهيو آهي. وڏي سياستدان کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي هو ڪنهن ٻئي اداري تي لعنت نه ٿو ڪري پارليامينٽ تي ان لاءِ لعنت ڪئي آهي ڇو ته هي ڪمزور آهي هن چيو ته جن جن ماڻهن گذريل ڏينهن تقريرون ڪيون آهن انهن عدليه تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو اهي ڇو ته اهو ڪيس عدليه ۾ ٻڌني هيٺ آهي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ميمبر شاهده اختر علي چيو ته هڪ شخص جي ڪردار جي ذريعي ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي تربيت ڪيئن ٿيندي اسان کي ڪا حيرت ناهي ٿي عزت ۽ زلت ڏيڻ وارو صرف الله آهي اهڙو شخص جيڪو هن ايوان ۾ اچي وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ هن ايوان کي گاريون ڏئي ٿو ان کي تحريڪ استحقاق جي ذريعي اهڙو سبق ڏنو وڃي جو هو ياد رکي پوءِ هو ڪيئن ماڻهن کان هن ايوان ۾ اچڻ لاءِ ووٽ گهرندو اهڙو واقعو تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن نه گذريو اسان کي هڪ آواز بڻجي ان جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر ميان جاويد لطيف چيو ته دنيا ۾ رياستن پارليماني نظام سان ئي ترقي ڪئي بدقسمتي سان اسان جا ڪجهه ماڻهو پارليمينٽ تي يقين نٿا رکن پ پ پ کان علاوه لاهور جي جلسي ۾ جيترا به آيا اهي آئين پارليامينٽ ۽ جمهوريت تي يقين نٿا رکن پارليامينٽ کي گار ڏيڻ رياست کي گار ڏيڻ آهي ۽ رياست کي جيڪو گار ڏي ٿو اهو غدار هوندو آهي گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو اهو هڪ باضمير شخص کي پسند نه آهي تحريڪ انصاف جا ميمبر به پنهنجي ضمير کان پڇا ڪن عمران خان شيخ رشيد ۽ طاهرالقادري اقتدار چاهين ٿا چور دروازي کان اقتدار تائين پهچڻ چاهي ٿا. ماڻهن لاهور جلسي ۾ غير جمهوري عنصرن کي رد ڪري چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *