عمران خان يا ڪوئي ٻيو، ملڪ جو امن خراب ڪندڙن سان سختيءَ سان منهن ڏبو: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد (م ڊ): قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻي عمران خان هجي يا ڪوئي ٻيو ملڪ جو امن خراب ڪندڙن کي حڪومت سختيءَ سان منهن ڏيندي، عمران خان پاڻ به جي آءِ ٽي تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، افطار پارٽي کي خطاب ڪندي هن چيو ته حسين نواز ۽ حسن نواز جي آءِ ٽي جي گهرائڻ تي پيش ٿي رهيا آهن، انهن جي پيشي تي انهن کي ڇهه کان ڏهه ڪلاڪ ويهاري رکڻ جو مطلب انهن کي پريشان ڪرڻ آهي، پر ان باوجود شريف فيملي قانون جي پاسداري جي لاءِ جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿي سوالن جو جواب ڏئي رهي آهي، هن چيو ته عمران خان جو تازو بيان ته حڪومت سپريم ڪورٽ کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ سر جو جواب پٿر سان ڏيندا، ان جي بيان جو مطلب آهي ته اهي سپريم ڪورٽ ۽ جي آءِ ٽي جي آڙ ۾ ملڪ جو نظام خراب ڪري سگهن ٿا پر اها انهن جي ڀل آهي، راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن جي هر ڪوشش ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور اهليت رکي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *