عمران خان وات بند رکي ته حالتون بهتر ٿي وينديون: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورو)ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مائنس ون فارمولو منهنجي نظر ۾ ناممڪن آهي،ڇو ته نٿو سمجان تحريڪ انصاف ۾ ڪو شخص عمران خان جي جاءِ وٺي ٿو سگهي خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو مون کي ڪورونا ٿيو ته گهٽ درجي جو بخار رهيو، ڪورونا سبب تمام گهڻي ڪمزوري ٿي ۽ هاڻ به ڪمزوري آهي.هن چيو ته مان ڪورونا کان اڳ 10 کان 12 ڪلو ميٽرن تائين روز واڪ ڪندو هيس پر ڪورونا سان ايتري ڪمزوري ٿي جو هاڻ اڌ ڪلو ميٽر جي واڪ به نٿو ڪري سگهان، قرنطينه کان اڳ 8 مهينا جيل ۾ گذاريا، تنهن ڪري آئسوليشن جو احساس نه ٿيو.اڳوڻي وزيراعظم تحريڪ انصاف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ڪو مستقبل نظر نه پيو اچي، مان ته چاهيان ٿو حڪومت 5 سال پورا ڪري.سندس چوڻ هو ته هن حڪومت جو هر هڪ لمحو ملڪ تي وزن آهي، بي اعتمادي رٿ واحد رستو آهي، ڇو ته مائنس ون فارمولو منهنجي نظر ۾ ممڪن ناهي، نٿو سمجهان ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو شخص عمران خان جي جاءِ وٺي ٿو سگهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته جيتري ميڊيا سينسر شپ ان حڪومت ۾ ٿي آهي، ايتري ڪنهن ٻئي دور ۾ نه رهي، اپوزيشن ميڊيا لاءِ اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر آواز اٿاريو آهي، موجوده حڪومت چئنل بند ڪرائي رهي آهي ۽ ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي رهي آهي، حڪومت صحافين جو پرامن احتجاج برداشت نٿي ڪري سگهي ته ٻيو ڇا ڪندي.هن چيو عمران خان کي صلاح ڏيندس ته گورننس جي بهتري لاءِ پنهنجو وات بند رکي، وزيراعظم کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، عمران خان وات بند رکندو ته حالتون 50 سيڪڙو بهتر ٿي سگهن ٿيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *