عمران خان نوجوانن نه پر بزرگن جو ليڊر آهي، جيڪو گهر نه ٿو هلائي ملڪ ڪيئن هلائيندو: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد( بيورو )  پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊئي چيو آهي ته عمران خان نوجوان نه پر بزرگ سياستدان آهي، جيڪو گهر نه ٿو هلائي سگهي اهو ملڪ ڪيئن هلائيندو؟ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولابخش چانڊئي چيو ته حيدرآباد جي جلسي ۾ عمران خان رڳو گاريون ڏنيون ۽ ڪنهن به قومي مسئلي تي نه ڳالهايو آهي.  هن چيو ته عمران خان حيدرآباد ۾ ڪهڙي رستي تان گذريو جو کيس گندگي نظر آئي، هو گند جو احساس پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. سندس چوڻ هو ته اسان ماڻهن جي توهين ۽ ذاتيات تي نه ڳالهائيندا آهيون. مولابخش چانڊئي چيو ته عمران خان کي هاڻي پ پ سندس ئي ٻولي ۾ جواب ڏيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *