ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته عمران خان ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ ارڙهين ترميم تي الزام هڻي رهيا آهن، ڊالر، پئٽرول، بجلي، گئس ۽ دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ناڪامين پاليسين جو نتيجو آهي. هڪ بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته عمران خان جي زبان تي حقيقت اچي وئي، ٽارگيٽ ارڙهين ترميم آهي، عمران خان کي حڪومت ۾ آڻڻ جي اصل ايجنڊا سامهون اچي وئي آهي. ترجمان چيو ته ارڙهين ترميم سان 10 سالن تائين وفاق ڏيوالو نه ٿيو ته هاڻي ڪيئن ٿيو آهي. هن چيو ته بدترين معاشي صورتحال قومي سلامتي لاءِ مسئلو بڻجي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته ٿر جي ڪوئلي سان بجلي به سنڌ سرڪار جو ڪارنامو آهي، خان صاحب ٻڌائي ڪي پي ۾ بي آر ٽي جي ناڪام منصوبي کانسواءِ ڇا ٺاهيو ويو آهي، آمرن صوبائي خودمختيار کسي، ساڳيو ڪم عمران خان ڪرڻ آيو آهي. .