عمران خان نااهلي ڪيس: اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي سوديبازي نه ڪئي ويندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار عمران خان جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن ڪميشن عدالت يا ٽربيونل ناهي، سندس اختيارن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ عمران خان جي نااهلي بابت حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هو پرڏيهي فنڊنگ بابت دليل تفصيل سان ٻڌي چڪا آهن پر هو ڪجهه سوالن جو جواب چاهين ٿا. ڇا درست آهي ڪجهه فنڊز آئين جي آرٽيڪل 6 جي شق 3 جي حوالي سان منع ٿيل آهن، عمران خان جي وڪيل انور منصور چيو ته ڪنهن به فنڊ جي پابندي ناهي، چونڊ نشان لاءِ تفصيل ڏيڻا هوندا آهن، اليڪشن ڪميشن تفصيل جمع ڪرائڻ وقت جاچ پڙتال ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين جا گوشوارا منظور ڪيا آهن. انور منصور جي دليلن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان چوڻ چاهيو ٿا ته آڊٽ رپورٽ منظور ٿي وئي ته ٻيهر جائزو نه ٿو وٺي سگهجي جنهن تي انور منصور چيو ته اڪائونٽس جا تفصيل هر سال جمع ڪرائڻا هوندا آهن، ان وٽ هر سال جاچ پڙتال جو موقعو هوندو آهي پر اليڪشن ڪميشن 10 سالن کانپوءِ اڪائونٽس نه ٿي کولي سگهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن جاچ پڙتال پاڻ ڪري سگهي ٿي يا ڪنهن جي شڪايت تي، ڇا 184 ٿري تحت اسان سڌي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. تحريڪ انصاف جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ابراهيم دستي دليل شروع ڪيا، هن چيو ته پوليٽيڪل پارٽي آرڊر رضاڪاراڻي طور آڊٽ کي ڊيل ڪري ٿو، تحريڪ انصاف اڄ تائين ڪنهن به گوشواري ۾ فنڊنگ جو ذڪر نه ڪيو آهي، تحريڪ انصاف ڄاڻي ٻجهي فراڊ ڪيو ۽ حقيقتون لڪايون آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙي پارٽي قبول ڪندي ته فنڊ پابندي پيل ذريعن کان آيا، ڪنهن فنڊن کي پابندي مڙهيل قبول ڪيو ته اهي ضبط ڪيا ويندا، سوال آهي ته پرڏيهي فنڊنگ تي ڪارروائي ڪنهن جو اختيار آهي. جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا پابندي مڙهيل ڪڍي ڪا پرڏيهي فنڊنگ قبول ڪئي وئي، 2008ع کان اڄ تائين اليڪشن ڪميشن فنڊنگ تفصيل طلب نه ڪيا آهن. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ عدالت کي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف ڪيليفورنيا ۾ 195 ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز کان فنڊ حاصل ڪيا، ان کان سواءِ ڀارت سميت ٻين پرڏيهي ملڪن کان به فنڊ حاصل ڪيا ويا، تحريڪ انصاف جي تفصيلن ۾ مڪمل ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. چيف جسٽس تحريڪ انصاف جي سان مقالمي ۾ چيو ته اميد آهي ته توهان سپريم ڪورٽ جي دائري تي سوال نه اٿاريندا، انور منصور چيو ته اسان طرفان عدالتي دائري بابت هاڻي ڪنهن به قسم جو سوال نه اٿاريو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *