عمران خان ملڪ کي تباهي جي تبديلي کان گذرڻ تي مجبور ڪيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو اسڪردو جي علائقي روندا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي تباهي جي تبديلي کان گذرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت سرڪاري ملازمن سوڌو هر طبقو احتجاج پيو ڪري، اسان به اُنهن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو چيو آهي ته گلگت بلتستان جو عوام فيصلو ڪندو ته وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ اسان گلگت جي عوام جو آواز اسلام آباد تائين پهچائينداسين، چاهيون ٿا ته بلوچستان ۽ گلگت جي اسپتالن ۾ به مريضن کي مفت علاج مهيا ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *