ڪراچي ( م ڊ ) پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته عمران خان پي ايس ايل ٿري جو فائنل ڏسڻ لاءِ اچي ته سندس گاڏيءَ جو در مان پاڻ کوليندس. هڪ انٽرويو ۾ نجم سيٺي چيو ته مان پنهنجي هٿ سان خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو آهي ته مائي ڊيئر عمران خان توهان نيشنل اسٽيڊيم اچو. هن چيو ته مان مولانا فضل الرحمان ۽ سراج الحق کي دعوت ڏيڻ وساري ويٺس جنهن تي معذرت ڪندس. هن چيو ته اليڪشن نتيجن بعد مون تي 35 پنڪچر جا الزام هنيا ويا، معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وئي پر ڪجهه ثابت نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته منهنجي خواهش هئي ته عمران خان معذرت ڪري پر اڃا تائين نه ڪئي وئي آهي. نجم سيٺي چيو ته ڪرڪيٽ سموري ملڪ کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جي پاڪستان سان نه کيڏڻ تي آءِ سي سي ڪميٽِي اڳيان پنهنجو ڪيس پيش ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پي ايس ايل ٽو ۾ جيڪو ٿيو تنهن تي ڪارروائي کانپوءِ هاڻي ڪو فڪسنگ بابت سوچي نه ٿو سگهي، سرفراز کي ڪپتان بڻائي سٺو فيصلو ڪيو، نوجوان رانديگرن کي اڳتي آڻڻ بابت مڪي آرٿر جي فيصلي سان اتفاق آهي.