خيرپور(شاهد سيال وٽان) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خوشي ۾ نواب علي وساڻ جي مان ۾ خيرپور ميديڪل ڪاليج جي پروفيسرن، ڊاڪٽرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي نواب علي وساڻ چيو آهي ته عمران خان سڀ کان وڏو ڪرپٽ سياستدان آهي ٻين تي ڪرپشن جا الزام هڻندڙ عمران خان پهريون پنهنجي ڀيڻ عليمه خان جو احتساب ڪري ڇو ته عليمه خان جي ملڪيت عمران خان جي آهي عمران خان اليڪشن ۾ وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ته مان سرڪاري جهاز استعمال نه ڪندم ۽ نه ئي آءِ ايم ايف وٽ ويندس پر هو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ خيرات گهرڻ قطر، سعودي ويو ۽ هاڻي هو آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيو آهي عمران خان عوام کي ڇهه مهينن ۾ صرف ڳالهين کانسواءِ ڪجھ ناهي ڏنو، ملڪ جي تقدير صرف بلاول ڀٽو زرداري ئي بدلائي سگهي ٿو ۽ انشاءُ الله عوام جي طاقت سان بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائينداسي هن وڌيڪ چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو مسئلو بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ڪوششن سان حل ٿي ويو آهي ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا تمام مسئلا حل ٿي چڪا آهن ۽ جيڪي به ٻيا جائز مسئلا آهن اهي ڪجھ ڏينهن ۾ حل ٿي ويندا اسان پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪريون ٿا جنهن خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ۽ پنج سئو کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻن جو مستبقل تباهه ٿيڻ کان بچايو، بلاول ڀٽو زرداري تي اسان کي فخر آهي جنهن هميشه سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اسان کي به اهڙيون ئي هدايتون ڏيندو آهي، هن چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جا شاگرد مستقبل جا معمار آهن ۽ اهي پڙهي ڊاڪٽر ٿيندا خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي مسئلا حل ٿيڻ سان نه صرف خيرپور بلڪ ٻين ويجھن ضلعن جي شاگردن کي تمام بهترين فائدو پهچندو ۽ هو تعليم جهڙي زيور کان آراستا ٿيندا هن چيو ته خيرپور شهر منهنجو گهر آهي ۽ مان وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندو آهيان ته خيرپور ضلعي جا مسئلا حل ڪيان ريڊيو پاڪستان خلاف هلندڙ سڀني سازشن کي ناڪام بڻائينداسين، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ هلندڙ مسئلن جي حل لاءِ به ڪوششون وٺندس، ان موقعي تي پروفيسرن، ڊاڪٽرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ خيرپور ميديڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر اسد الله مهر، ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو، ڊاڪٽر جعفر سومرو، ڊاڪٽر شفقت شيخ، ڊاڪٽر ظفر جتوئي، ڊاڪٽر اختر ڦل، ڊاڪٽر خوشي محمد سوهو، ڊاڪٽر آزاد لاشاري، ڊاڪٽر هريش ڪمار، ڊاڪٽر جاويد سمون، ڊاڪٽر اعجاز سمون، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، ڊاڪٽر مراد خميساڻي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ سانگري، بشريٰ شيخ، ڊاڪٽر مختيار لاکو، ڊي ايم لاشاري ۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.