عمران خان سينيٽ جي چونڊن کان ڊنل آهي، نگران سيٽ اپ جو مطالبو غير جمهوري آهي: احسن اقبال

اسلام آباد( بيورو ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان سينيٽ جي چونڊن کان ڊنل آهي، ڪي پي ۾ سندس ايم پي ايز بغاوت ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته تڪبنديون نئين آدمشماري کي نظر ۾ رکي ڪيون وينديون. هن چيو ته تڪبندين تي پولنگ اسڪيم ٺاهي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته تڪبندين جو عمل مڪمل ڪرڻ کانسواءِ نگران حڪومت جو مطالبو غير جمهوري آهي. احسن اقبال چيو ته تڪبندين ۽ پولنگ جو عمل مئي تائين مڪمل ٿيندو، عمران خان جي منطق سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو وواٽر لسٽ جو ٽائيم فريم اپريل 2018ع تائين جو آهي. سندس چوڻ هو ته تڪبندين لاءِ ٻن کان ٽن مهينن جو عرصو گهربل آهي. احسن اقبال چيو ته ڀارت افغانستان جي ڌرتيءَ کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جا واقعا سي پيڪ کي نظر ۾ رکي ڪيا پيا وڃن، افغانستان سان سرحد کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته دهشتگرديءَ جي واقعن سان سي پيڪ تي فرق نه پوندو. احسن اقبال چيو ته دهشتگردي خلاف مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ٽن سالن دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتاٿي ٿي آهي. هن چيو ته سرحد تي نگراني لاءِ فورسز جي انگ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هڪ عرصي کان بلوچستان مان سرحد پار دهشتگرديءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته عدالتي عمل دنيا ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، اهڙا تبصرا ٿي رهيا آهن جيڪي مايوسي جو سبب آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *