اسلام آباد(بيورورو) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال احمد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهندو، جڏهن کان خان صاحب کان آڱر جو سهارو کسجو آهي هو سياسي يتيم ٿي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته عمران خان پاناماليڪس تي پنهنجا ئي هنيل الزام ثابت نه ڪري سگهندو، ان وٽ ڪو ثبوت ناهي. هن چيو ته عمران خان اهي ئي الزام هنيا جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي هنيا هئا، اسان وٽ شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪو فرق ناهي، سڀ برابر آهن. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن کي ڊکڻ پنجاب مان وڌيڪ ووٽ ملندا آهن. عمران خان سواءِ ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، عمران خان جيڪي خواب ڏٺا آهن اهي ڪڏهن پورا نه ٿيندا