ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان سياسي ميدان ۾ اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري هو اسيمبلي ۾ منهنجي اچڻ سان خوفزنده هو. سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ٽن وزيرن جي ڪالعدم تنظيمن سان ڳٺ جوڙ آهي، عمران خان به چونڊن دوران عوام کي اعتماد ۾ نه ورتو پر ڪالعدم تنظيمن سان گڏجي چونڊ وڙهي. هن چيو ته عمران خان سياسي ميدان ۾ اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، لياري ۽ مالاڪنڊ ۾ اسان کي جهڙي ريت هارايو ويو سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا، اهي ته مون کي به اسيمبلي ۾ نٿا ڏسڻ چاهين ۽ اسيمبلي ۾ منهنجي اچڻ سان خوفزنده هئا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم رڳو اپوزيشن خلاف ايڪشن وٺي سگهي ٿو، چونڊ مهم دوران 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم ۽ سندس ڌيءُ کي گرفتار ڪرائي ٿو، آصف زرداري کي هڪ فون ڪال تي سزا ڏياري ٿو، توهان اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪيو ٿا، ان جي گهر ۾ چادر ۽ چارديواري پائمال ڪيو ٿا پر اهڙو ايڪشن ڪالعدم تنظيمن خلاف نٿا کڻي سگهو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جا حڪومت کان 3 مطالبا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل قومي سلامتي ڪميٽي ٺاهي وڃي، نيب تي عمل ٿئي ۽ ڪالعدم تنظيمن کان پاڻ کي ڌار ڪيو وڃي.