عمران خان سمورن ادارن ۾ ريفارمز متعارف ڪرايا: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد: (بيورو)  خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪشمير مسئلو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان قومي ايجنڊا تي سڀ متفق آهن، وزيراعظم لڳاتار مظلوم ڪشميرين جي جنگ وڙهي رهيو آهي

، عمران خان سمورن ادارن ۾ ريفارمز متعارف ڪرايا.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٻار کير ۽ بيمار دوائن لاءِ واجهائي رهيا آهن، حق لاءِ آواز اٿاريندڙ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ٿو، گذريل ڪيترن ئي هفتن کان والاريل وادي ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي.خاص معاون چيو ته اسان صرف قومي بيانيو کڻي اڳتي هلي رهياآ هيون، ڪشمير ڪاز لاءِ اسان پنهنجي سياسي اختلافن کي پٺ پيان وجهي ڇڏيو، وزيراعظم لڳاتار مظلوم ڪشميرين جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن هڪ سال ۾ نئين پاڪستان جي تڪميل ڪئي ان جي باوجود بدترين تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *