عمران خان رياست کي ڳالهين جو پيغام ڏئي ڇڏيو؟

اسلام آباد (فخر دراني) عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ احتجاج جو سڏ ڏيندس ۽ ڪارڪن  واپس گهر نه ويندا. ٽوئٽر تي به هن ساڳي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته مارچ جي تاريخ مان پاڻ ڏيندس ۽ هر قرباني لاءِ تيار آهيان. عمران خان طرفان اسٽيبلشمينٽ کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته ساڻس ڳالهيون نه ڪيون ويون ته پوءِ هو احتجاج جو سڏ ڏيندو. ان کان اڳ عمران خان چيو هو ته پنهنجي فوج سان ڪو بيوقوف ئي وڙهندو ۽ ٻين اڳواڻن به اهڙا بيان ڏنا هئا، ٻئي پاسي فوج طرفان ڪا رعايت ناهي ڪئي وئي. رياست ان کي سنجيده وٺي ها ته اڳ ئي ڳالهيون ڪري وٺي ها پر هاڻي به سندن ساڳيو ئي موقف آهي ته ڳالهيون نه ٿينديون. پي ٽي آءِ ان کان اڳ به مٿي تي ڪفن ٻڌڻ جا بيان ايندا رهندا آهن، ان سان ڪو فرق نه پوندو. بشريٰ بي بي به عمران خان جي آزادي لاءِ ڳالهين جا رستا کولڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ جي پاليسي ڪڏهن سخت ڪڏهن بچاءَ واري هوندي آهي، ڏسڻو پوندو ته انهن جو ڪو کڙتيل نڪري ٿو يا نه پر ڪجهه ٿيندي نظر نه پيو اچي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *