عمران خان دعا ڪري ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي ٺهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان دعا ڪري ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هجي ڇو ته اهڙي طرح اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب کي سياسي انتقام ۽ پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي لاءِ ٺاهيو يوو آهي، سمورن ادارن کي دٻاءُ ۽ ڌمڪين وسيلي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن کان عمران خان جي حڪومت آئي آهي محسوس ٿي رهيو آهي ته هي هڪ نه ٻه پاڪستان آهن.هن چيو ته سياسي گرفتاريون عوام جي معاشي قتل تان توجهه هٽائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي بجيٽ پيشي جي ڏينهن گرفتار ڪرايو وڃي ٿو ته جئين عوام جي توجهه انهن جي معاشي قتل تان هٽي وڃي، تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بجيٽ معاشي خودڪشي جيان آهي جڏهن ته ان پڪڙ ڌڪڙ جي پويان اهي پنهنجون معاشي ناڪاميون لڪائڻ چاهين ٿا.هن جو چوڻ هوته هي پي ٽي آءِ جي نه پر عالمي مالياتي فنڊ جي بجيٽ آهي جنهن کي جيڪڏهن اهي ڌانڌلي وسيلي منظور ڪرائن ٿا ته ان جي ڪابه حيثيت نه هوندي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هي حڪومت ڊڄڻن جي حڪومت آهي، عورتن تي ڪيس ٺاهيندڙ ڊڄڻا ماڻهو آهن، پاڪستان جي عوام کان سوال پڇان ٿو ته اڄ جي ۽ مشرف جي پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ نئين پاڪستان ۽ آمرن جي پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟.هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مون توهان جو ڇا بگاڙيو آهي، اوهان اسان جو ڪجهه ناهي بگاڙيو پر عوام پڇي رهيو اهي ته اسان جي مٿي جي ڇت ڇو کسي پئي وڃي، اڄ ڊالر ايترو مٿي ڪيئن پهتو، عمران خان جي حڪومت به ڪيرائي سگهون ٿا پر نه ڪيرائي ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري، جڏهن ته عمران خان دعا ڪري ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هجي ڇو ته ان جيان اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *