سيالڪوٽ(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جي 190 ملين پائونڊز جي ڪرپشن بابت فيصلو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ اميد آهي ته انصاف جا تقاضا پورا ٿيندا، پي ٽي آءِ وارن آمريڪا ۾ مسواڙي عمارت ۾ ڪانگريس جي جعلي ٻڌڻي جو ڊرامو شروع ڪري ڇڏيو آهي، سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 190 ملين پائونڊ سرڪاري ۽ عوام جو پئسو هو، برطانيا اهو پئسو حڪومت ڏانهن موڪليو، پي ٽي آءِ جي باني ڪابينا کان منظوري سيل بند لفافي ۾ ورتي، رقم خزاني بدران واپاري جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، خواجا آصف چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اڄ حقيقتن جي بنياد تي ڪيو ويندو، القادر يونيورسٽي ۾ ڪهڙي تعليم ڏني وڃي ٿي، ميڊيا وڃي ڏسي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڦرلٽ عروج تي هئي، عمران خان خان دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو بي مثال آهي، پهرين غلامي نامنظور ۽ ايبسوليوٽلي ناٽ هئي ۽ هاڻي ايبسوليوٽلي ييس ۽ ليٽي پئو آهي، آمريڪا ڪنهن کي به رليف ڏيڻ جو ناهي چيو.