عمران خان حڪومت جي معاشي ترقيءَ جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن سمورو بار غريب عوام تي وجهي ڇڏيو آهي، هر پاڪستاني هڪ لک 30 هزار رپين جو قرضي آهي، معاشي ترقي جون ڳالهيون بي بنياد آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمرانخ ان چيو ته نواز شريف جي حڪومت رڪارڊ قرض ورتا آهن،  نواز شريف دور جي ڪارڪردگي آصف زرداري کان به خراب آهي. هن چيو ته پرويز مشرف جي دور کانپوءِ هر شيءَ هيٺ ڪرڻ شروع ٿي وئي، عوام کان جگا ٽيڪس ورتي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا افغانستان ۾ ناڪامي جو سمورو بار پاڪستان تي وجهي رهيو آهي، ٽرمپ پاڪستان کي ذليل ڪري پيو. عمران خان چيو ته  ڊالر جي اگهه ۾ اضافي بعد پيٽرول تي 9 رپيه اضافي ڏيڻا پوندا. هن چيو ته نواز شريف جي چئن سالن دوران 10 هزار ارب رپين جو قرض ورتو ويو، ننڍي کنڊ ۾ سڀ اڳتي وڃي رهيا آهن پر پاڪستان پوئتي وڃي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *