اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان واپڊا چيئرمين سان ملاقات ڪري ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي جلد تعمير تي زور ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو ته مان جنرل (ر) مزمل حسين سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪري ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن جي جلد تعمير تي زور ڏنو ۽ چيو ته مان پاڻ منصوبن جي نگراني ڪري سگهان ٿو. وزيراعظم موجب پاڪستان ۾ ٻن وڏن ڊيمن سميت رڳو 185 ڊيم آهن، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ 5 هزار ۽ چين ۾ 4 هزار وڏن ڊيمن سميت 84 هزار ڊيم آهن، ملڪ کي وڌندڙ آبي بحران کان محفوظ رکڻو آهي. عمران خان چيو ته هر سال 45 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي پاڪستان جي حصي ۾ ايندو آهي، جنهن مان 80 سيڪڙو ٽن مهينن ۾، جڏهن ته 20 سيڪڙو باقي 9 مهينن ۾ ايندو آهي.27