اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي سيڪريٽري يوسي بارهه ڪهو محمد عمر تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي بني گالا جي گهر جي اين او سي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بني گالا ۾ حددخلين جي خلاف ڪيس ۾ پنهنجو لکت وارو بيان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، محمد عمر طرفان جمع ڪرايل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئون 2003ع ۾ يوسي بارهڪهو ۾ سيڪريٽري مقرر هيس ۽ بني گالا ۾ عمران خان گهر جي تعمير جي حوالي سان درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ بني گالا جو نقشو طلب ڪيو ويو هو، عمران خان طرفان نقشو نه ڏنو ويو جنهن بعد وڌيڪ ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي. محمد عمر ٻڌايو ته اُن وقت يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ڪمپيوٽر جي سهولت ئي موجود نه هئي ۽ آفيس جا سمورا معاملا هٿ سان ئي اڪُلايا ويندا هئا. هن چيو ته عمران خان جي بني گالا واري گهر جي نقشي ۽ اين او سي بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو ته يونين ڪائونسل عمران خان جي گهر جي تعمير لاءِ اين او سي جاري ناهي ڪئي.