عمران خان جي اليڪشن ڪميشن کان تڪبندين جو عمل 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اليڪشن ڪميشن کان تڪبندين جو عمل 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته سياسي خال سبب ملڪ ۾ گورننس جو نظام ڊانواڊول آهي ۽ آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ اليڪشن تڪبندين جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جو پابند آهي تنهنڪري اليڪشن ڪميشن کي سڄو عمل 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ گهرجي، عمراخان جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف مختلف بهانن سان چونڊ عمل ۾ دير پسند نه ڪندي، ياد رهي ته هلندڙ مهيني 19 ڊسمبر تي پي ٽي آءِ جي مڪمل حمايت سان سينيٽ 24 هين آئيني ترميم منظور ڪئي هئي جنهن تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پابند ڪيو ويو هو ته 2018 جي اليڪشن قومي اسيمبلي جي سيٽن جي نئين جوڙجڪ مطابق ڪرائي وڃي جنهن لاءِ 2017 جي آدمشماري جي عبوري نتيجن موجب نين تڪبندين جو ڪم اڃا ٿيڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *