ڪراچي (م ڊ): عمران خان جي آصف زراري تي ڪرپشن، مني لانڊرنگ جي الزامن تي پيپلز پارٽي جي سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جي گواهي ان جي پنهنجي پارٽي جا ماڻهو ڏئي رهيا آهن، 70 سالن جو شخص نوجوانن جو ليڊر نٿو بڻجي سگهي، زرداري تي تنقيد جي ردعمل ۾ سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري عدالتن مان باعزت بري ٿي چڪو آهي عمران خان عدالتون کان ڀڄي رهيو آهي، ڪرپٽ ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪرپشن خلاف عمران خان ئي ڳالهائي سگهي ٿو، ڇو ته اهو خيبر پختونخواهه ۾ ڪرپشن جي الزامن کان بچڻ لاءِ ٻين تي الزام هڻي رهيو آهي، سعيد غني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جو حقيقي ۽ مستقبل جو ليڊر آهي، ستر سالن جو شخص نوجوانن جو ليڊر نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته عمران خان تي پاڻ تي ان جي پارٽي جا ماڻهو الزام لڳائي رهيا آهن، ڪرپشن جي گواهي عائشه گلالئي ڏئي رهي آهي.